روسي صدر ولادمير پيوٽن شام ۾ روسي هوائي فوج جي اڻڄاڻايل مدي تائين مقرري واري قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي

MIDEAST-CRISIS-SYRIA-PUTIN-FRANCE--141016

روسي صدر ولادمير پيوٽن شام ۾ روسي هوائي فوج جي اڻڄاڻايل مدي تائين مقرري واري قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

نئين قانون جي منظوري سان لتاڪيا صوبي جي ايئر بيس هيميم تي روسي ايئر فورس جي مقرري اڻڄاڻايل مدي تائين جاري رهندي، جنهن جو خرچ سالياني وفاقي دفاعي بجيٽ جو حصو هوندو.

هلندڙ هفتي ئي روس شام ۾ مستقل بنيادن تي طرطوس ۾ پنهنجو سامونڊي اڏو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو، روسي صدر ولادمير پيوٽن شامي صدر بشار الاسد جو حامي آهي ۽ سندس ئي درخواست تي روس شام ۾ دهشتگردن خلاف هوائي حملا شروع ڪيا هئا.

روس جو موقف آهي ته صدر بشار الاسد جو اقتدار ختم ڪرڻ لاءِ امريڪا شام ۾ ڳجهي نموني القاعده سان واسطو رکندڙ دهشتگردن جي حمايت ڪري ٿو پر امريڪا اهڙن الزامن جي ترديد ڪندو رهيو آهي.

فرانس جي صدر فرانسوا اولاند حلب ۾ روس جي بمباري کي جنگي ڏوهن جي دائري ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جنهن کر صدر پيوٽن رد ڪري ڇڏيو هو، جڏهن فرانسوا اولاند پاران روسي صدر سان ڳالهين جو مرڪزي نقطو شام هئڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته صدر پيوٽن فرانس جو دورو ئي ملتوي ڪري ڇڏيو هو.

امريڪا 10 ڏينهن اڳ روس تي شام ۾ جنگبندي جي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام مڙهيندي ماسڪو سان جاري ڳالهيون ختم ڪري ڇڏيون هيون، پر هاڻي ٻنهي ملڪن هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهيون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*