هالي ووڊ جي ڪاميڊي فلم “ماسڪوٽس” کي نيٽفليڪس تي رليز ڪيو ويو

FILM-MASCOTS-141016

هالي ووڊ جي ڪاميڊي فلم “ماسڪوٽس” کي نيٽفليڪس تي رليز ڪيو ويو آهي، فلم جي ڪاسٽ جو چوڻ هو ته شوٽنگ دوران کين ڪهاڻي جي ڪابه خبر نه پوندي هئي.

“ماسڪوٽس” جي ڪاسٽ ۾ شامل جين لينچ، فريڊ ولارڊ، پارڪر پوزي، سوزان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شوٽنگ دوران کين خبر ئي نه پوندي هئي ته اڳتي ڇا ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هڪ سين جي شوٽنگ کانپوءِ وچ ۾ ٻه ٽي ڏينهن وقفو اچي ويندو هو ۽ وري شوٽنگ ڪبي هئي ته ٻيا اداڪار هوندا هئا.

اداڪارن جو چوڻ هو ته ڊائريڪٽر ڪرسٽوفر گيسٽ تي کين ڀروسو هو، انڪري هو فلم ۾ شامل هئا پر کين اها پڪ نه هوندي هئي ته جيڪي منظر انهن شوٽ ڪرايا آهن اهي فلم ۾ به شامل هوندا ان هوندي ته ڊائريڪٽر تي اعتماد سبب هو مطمئن هئا.

“ماسڪوٽس” هلندڙ سال ٽورنٽو انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪئي وئي هئي، فلم کي ٿيٽرز ۾ رليز ڪرڻ بدران نيٽفلــِڪس تي رليز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جلد فلم ڊي وي ڊيز تي به دستياب هوندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*