برطانوي اداڪار بينيڊِڪٽ ڪمبرباچ ۽ ٽلڊا سوِنٽن ڻئين فلم “ ڊاڪٽر اسٽرينج” جي پروموشن مهم شروع ڪري ڇڏي

FILM-DOCTORSTRANGE--141016

برطانوي اداڪار بينيڊِڪٽ ڪمبرباچ ۽ ٽلڊا سوِنٽن ڻئين فلم “ ڊاڪٽر اسٽرينج” جي پروموشن مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڪمبرباچ ۽ ٽــِلڊا هانگ ڪانگ ۾ فلم جي ورلڊ پريميئر ۾ شرڪت ڪئي، جنهن دوران وڏي انگ ۾ مداح سندن جهلڪ پسڻ لاءِ موجود هئا،  جيڪي پرجوش ٿي کين سڏيندا رهيا.

ان موقعي تي ڪمبرباچ نه رڳو مداحن کي کيڪاريو پر کين آٽوگراف به ڏنا ۽ ساڻن گڏ فوٽو به ڪڍرايا، جنهن تي مداحن جو جوش ڏسڻ وٽان هو.

“ڊاڪٽر اسٽرينج” ۾ بينڊِڪٽ ڪمبرباچ نيورو سرجن جو ڪردار نڀايو آهي، جيڪو ڪار حادثي ۾ پنهنجا هٿ وڃائي ويهي ٿو، جڏهن ته ٽــِلڊا سوِنٽن  سندس سرپرست جي ڪردار ۾ نظر ايندي، فلم 4 نومبر تي رليز ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*