هيري پوٽر سيريز جي نئين فلم “فنٽاسٽڪ بيسٽس اينڊ ويئر ٽو فائنڊ ديم” جا ڪجهه منظر مداحن کي ڏيکارڻ لاءِ وارنر برادرز پاران امريڪا ۽ برطانيه سميت مختلف ملڪن ۾ هڪ ئي وقت ورلڊ اسپيشل پريويو ايونٽ منعقد ڪرايو ويو

FILM-FANTASTICBEASTS-FAN-EVENT-LONDON--141016

هيري پوٽر سيريز جي نئين فلم “فنٽاسٽڪ بيسٽس اينڊ ويئر ٽو فائنڊ ديم” جا ڪجهه منظر مداحن کي ڏيکارڻ لاءِ وارنر برادرز پاران امريڪا ۽ برطانيه سميت مختلف ملڪن ۾ هڪ ئي وقت ورلڊ اسپيشل پريويو ايونٽ منعقد ڪرايو ويو.

نيويارڪ توڙي لاس اينجلز ۾ جي آئيميڪس ٿيٽرز ۾ هيري پوٽر جا پرجوش مداح وڏي انگ ۾ گڏ هئا، جن کي فلم جا پهريان منظر ڏيکاريا ويا.

نيويارڪ تقريب ۾ هيري پوٽر ناول توڙي فلم سيريز جي ليکڪا جــَي ڪــَي رولنگ به شرڪت ڪئي، جنهن ٻڌايو ته “فنٽاسٽڪ بيسٽس” سيريز هاڻي پنج فلمن تي ٻڌل هوندي، ان کان اڳ ٽن فلمن جو اعلان ڪيو ويو هو،

ان موقعي تي ليکڪا جي ڪي رولنگ مداحن جي سوالن جا جواب به ڏنا، هي ايونٽ هڪ ئي وقت مختلف شهرن جي ٿيٽرز ۾ لائيو ڏيکاريو ويو.

نيويارڪ کانسواءِ لنڊن، روم، سائو پالو، ميڪسيڪو ۾ به هڪ ئي وقت ٿيٽرز  ۾ “فنٽاسٽڪ بيسٽس اينڊ ويئر ٽو فائنڊ ديم” جا شروعاتي فٽيجز ڏيکاريا ويا.

فلم “فنٽاسٽڪ بيسٽس اينڊ ويئر ٽو فائنڊ ديم” سيريز جي پهرين فلم آهي، جيڪا 18 نومبر تي رليز ڪئي ويندي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*