ڀارتي ٽيم نيوزيلينڊ کي ٽن ٽيسٽ ميچز ۾ وائيٽ واش شڪست ڏيڻ بعد پنج ون ڊي ميچز ٻڌل سيريز ۾ به ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تيارين ۾ مصروف

India-Team-Cricket-151016

ڀارتي ٽيم نيوزيلينڊ کي ٽن ٽيسٽ ميچز ۾ وائيٽ واش شڪست ڏيڻ بعد پنج ون ڊي ميچز ٻڌل سيريز ۾ به ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

ڀارتي شهر ڌرمشالا ۾ ڀارت ۽نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.

پهرين ميچ کان اڳ ڀارتي ٽيم ڌرمشالا جي اسٽيڊيم ۾ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

ٽريننگ سيشن دوران ڀارتي ٽيم گهڻُو وقت نيٽ ۾ بيٽنگ ۽بالنگ جي پريڪٽس تي ڌيان ڏنو.

پريڪٽس سيشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مڊل آرڊر بيٽسمين اجنيڪا رهاني چيو ته ٽِيسٽ سيريز ۾ شاندار ڪاميابي بعد رانديگرن جا حُوصلا بلند آهن ۽ سمورن رانديگرن ڪوشش هوندي ته ڪيوي ٽيم کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏئي ايندڙ ميچز ۾ دٻاءِ هيٺ رکجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*