جاويد ميانداد ۽ شاهد آفريدي وچ۾ الزامن وارو معاملو کي ڪورٽ ۾پهچڻ کان اڳ ئي ٻنهي ڪرڪيٽرز وچ ۾ سيز فائر ٿي ويو

Shahid-Afridi-Javed-121016

جاويد ميانداد ۽ شاهد آفريدي وچ۾ الزامن وارو معاملو کي ڪورٽ ۾پهچڻ کان اڳ ئي ٻنهي ڪرڪيٽرز وچ ۾ سيز فائر ٿي ويو آهي ۽شاهد آفريدي پاران جاويد ميانداد کي قانوني نوٽس نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيوآهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جا ٻئي اڳوڻا ڪپتان معاملي کي ڳالهين ذريعن حل ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شاهد آفريدي ۽جاويد ميانداد وچ ۾ اڄ ملاقات جو امڪان آهي،جنهن سبب ٻنهي ڄڻن ۾لفظي جهيڙو ختم ٿيڻ جو امڪان روشن آهي.

ان کان پهرين ميانداد ۽ شاهد آفريدي وچ۾ پيدا ٿيل تڪرار کي وسيم اڪرم ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون،جنهن بعد شاهد آفريدي جو چاچو پڻ معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳتي آيو،جنهن ٻنهي ڄڻن وچ ۾ ڪانفرنس ڪال ڪرائي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ميانداد آفريدي مٿان مڙهيل فڪسر جا الزام واپس وٺندو،جنهن بعد اهو معاملو ڪورٽ پهچڻ کان اڳ ختم ٿي ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*