قومي ٽيسٽ ٽيم جي اوپنر اظهر علي ويسٽ انڊيز خلاف جاري ٽين ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ رنسن جو ڍير لڳائي ڇڏيا

Azhar-Ali-151016

قومي ٽيسٽ ٽيم جي اوپنر اظهر علي ويسٽ انڊيز خلاف جاري ٽين ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ رنسن جو ڍير لڳائي ڇڏيا آهن.

دبئي ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اظهر علي ڪيترائي رڪارڊز پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن.

ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ جي پهرين سنچري،جنهن بعد ڊبل سينچري ۽ ٽرپل سنچري اسڪور ڪئي ۽ اهو ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ رڪارڊ جوڙيندڙ پهريون پاڪستاني بيٽسمين آهي.

ويسٽ انڊيز خلاف جاري پهرين ٽِيسٽ ميچ ۾ اظهر علي ويسٽ انڊيز جي بالرز کي بيوس بڻائي ڇڏيو ۽ وڪيٽ جي چوڌاري شاندار اسٽروڪس جومظاهرو ڪيو.

اظهرعلي پهرين اننگ ۾ 302رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو،جيڪو ڪنهن به اوپنر ٻين سڀ کان وڏي اننگ آهي.

اظهر علي جي ٽرپل سنچري ڪرڪيٽ جي تاريخ جي مجموعي طورتي 29هين ٽرپل سنچري آهي،جڏهن ته اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ مجموعي طور تي 25هون ۽15 هون اوپنر آهي.

اظهر علي جي  ويسٽ انڊيز خلاف جاري پهرين ٽيسٽ ميچ ڪيريئر جي 50 هين ٽيسٽ ميچ آهي ۽هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ چار هزار رنز پڻ مڪمل ڪري ورتيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*