ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 579رنز اسڪور ڪري اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي،ويسٽ انڊيزٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 69رنز ٺاهيون ۽ اڄ اها پنهنجي پهرين نامڪمل اننگ ٻِيهر شروع ڪندي

Pak-West-Test-1st-151016

ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 579رنز اسڪور ڪري اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي،ويسٽ انڊيزٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 69رنز ٺاهيون ۽ اڄ اها پنهنجي پهرين نامڪمل اننگ ٻِيهر شروع ڪندي.

دبئي ۾ جاري ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم پهرين اننگ ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 579رنز اسڪور ڪيون ته مصباح الحق اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي.

قومي ٽيم جي اننگ جي خاص ڳالهه اظهر علي جي شاندار ٽرپل سنچري302رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهي ٽاپ اسڪورر رهيو.

آظهر علي جي اننگ ۾ 23 چوڪا ۽ٻه ڇڪا شامل هئا،جڏهن ته سميع اسلم 90،اسدشفيق 67،پهرين ٽيسٽ ميچز کيڏندڙ بابر اعظم 69،جڏهن ته ڪپتان مصباح الحق 29رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

ويسٽ انڊيز پاران ديوندره بشو ٻه ۽چاس هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 69رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ ڪارلوس بريٿويٽ 32 رنز ٺاهي ۽ ڊيرن براوو 14رنز اسڪور ڪري ڪريز تي موجود آهن، جڏهن ته جانسن 15رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو.

پاڪستان پاران واحد وڪيٽ ياسر شآهه حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*