امريڪا ۾ صومالي پناهگيرن جي هڪ عمارت ۽ مسجد تي حملي جو منصوبو جوڙڻ جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو

US-3-Arrest-151016

امريڪا ۾ صومالي پناهگيرن جي هڪ عمارت ۽ مسجد تي حملي جو منصوبو جوڙڻ جي الزام هيٺ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

امريڪي انصاف واري وزارت موجب گرفتار 49 سالن جي ڪرٽس ايلن، 49 سالن جي گيون رائٽ ۽ 47 سالن جي پيٽرڪ يو جين اسٽين ڪنساس رياست ۾ هڪ عمارت ۽ مسجد تي حملي لاءِ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو گڏ ڪري ورتو هو.

عملدارن موجب ڪروسيڊر نالي هڪ ويڙهاڪ گروهه گارڊن سٽي ۾ به هڪ هدف جي نگراني ڪري رهيو هو، انهن مبينا طور تي 9 نومبر تي حملي جو منصوبو جوڙيو هو، جيڪو امريڪي صدارتي چونڊن کانپوءِ پهريون ڏينهن ٿئي ها.

پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته انهن شڪي ماڻهن هڪ منشور تيار ڪيو هو، جنهن تحت هو هڪ عمارت کي بم سان اڏائڻ وارا هئا، جنهن ۾ صوماليا جا اٽڪل 120 پناهگير ترسيل آهن، جوابدارن مبينا طور تي ان عمارت جي چئني ڪنڊن تي ڌماڪيدار  مادي سان ڀريل گاڏيون لڳائڻ بابت ڳالهيون ڪيون هيون ته جيئن وڏو ڌماڪو ٿئي.

پراسيڪيوٽر موجب جوابدار اسٽين ڌماڪي لاءِ امونيم نائٽريٽ ۽ اٽڪل 3 سئو امريڪي ڊالر فراهم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪڏهن جوابدارن تي ڏوهه ثابت ٿي ويو ته کين عمر قيد جي سزا ايندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*