سنڌ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف، لاڙڪاڻو، قمبر، ٺٽو، شڪارپور، ڪشمور ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا

Thatta-Protest-151016

سنڌ پوليس ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف، لاڙڪاڻو، قمبر، ٺٽو، شڪارپور، ڪشمور ۽ ٻين شهرن ۾ مظاهرا ڪيا، اميدوارن جو چوڻ آهي ته ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪندڙن بجاءِ من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي.

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پوليس جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن ريلي ڪڍي جناح باغ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

اين ٽي ايس پاس ڪرڻ بعد آفر آرڊر ملڻ خلاف شڪارپور ۾ اميدوارن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ٺٽي  ۾ اميدوارن امجد ميمڻ، مرتضيٰ کٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قمبر ۾ پوليس اهلڪارن جي اميدوارن پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڪشمور ۽ ٻين شهرن ۾ پوليس جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

مظاهرين چيو ته سنڌ پوليس ۾ ميرٽ تي ٽسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن بدران من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جيڪا نا انصافي آهي.

هنن چيو ته پوليس اهڙن ماڻهن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جيڪي ٽيسٽ ۾ شامل ئي نه هئا، ميرٽ تي پاس ٿيندڙ اميدوارن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سنڌ پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*