تيزي سان ترقي ڪندڙ دنيا جي 5 وڏن ملڪن جو سربراهي اجلاس “ذميداري، شموليتي ۽ اجتماعي حل جي تخليق” جي سري هيٺ ڀارت ۾ ٿي رهيو

Gao-India-Modi-151016

تيزي سان ترقي ڪندڙ دنيا جي 5 وڏن ملڪن جو سربراهي اجلاس “ذميداري، شموليتي ۽ اجتماعي حل جي تخليق” جي سري هيٺ ڀارت ۾ ٿي رهيو آهي.

گووا ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ روسي صدر ولادمير پيوٽن، چيني صدر شي جن پنگ، برازيلي صدر مائيڪل ٽيمر ۽ ڏکڻ افريقي صدر جيڪب زوما شرڪت ڪري رهيا آهن.

اجلاس جي موقعي تي سخت سڪيورٽي سبب گووا شهر قلعي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز جا هزارين اهلڪار  مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مختلف روڊ رستا بندي ڪري ٽريفڪ جي اچ وڃ کي به محدود ڪيو ويو آهي، سمنڊ ۾ ڪوسٽ گارڊز کي به الرٽ ڪيو ويو آهي.

برڪس سربراهي اجلاس جي موقعي تي روس ۽ ڀارت وچ ۾ جديد ميزائل دفاعي نظام جي وڪري جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون وينديون.

جيتوڻيڪ ڀارت پاران اهو تاثر ڏنو پئي ويو ته ڪانفرنس جي موقعي تي چين نيوڪليئر ايڪسپورٽ گروپ اين ايس جي ۾ ڀارت جي شموليت لاءِ ڳالهيون ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي پر چين پاران اهڙي امڪان کي رد ڪيو ويو آهي.

برڪس ڪانفرنس کان اڳ ڀارت ۽ روس پاران هٿيارن، توانائي  ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ بابت 16 معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ روسي صدر ولادي مير پيوٽن وچ ۾ ملاقات دوران خطي جي سڪيورٽي صورتحال، ٻطرفن دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، نريندر مودي چيو ته روس سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*