لنڊن فلم فيسٽيول دوران “اٽس اونلي دَ اينڊ آف دَ ورلڊ” ۽ “ٽريسپاس اگينسٽ اس” جي اسڪريننگ ڪئي وئي
لنڊن فلم فيسٽيول دوران “اٽس اونلي دَ اينڊ آف دَ ورلڊ” ۽ “ٽريسپاس اگينسٽ اس” جي اسڪريننگ ڪئي وئي.
“ٽريسپاس اگينسٽ اس” آئرش لاڏائو ڪٽنب جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ لاڏائو قبيلي ۽ مستقبل قبيلي وچ ۾ لاڳاپن کي ڏيکاريو ويو آهي.
ان موقعي تي اداڪار مائيڪل فيسبينڊر جو چوڻ هو ته بريڪسٽ برطانيه جي قبيلائي فطرت رکندڙ معاشري جو نتيجو آهي.
ان کانسواءِ فلم فيسٽيول ۾ “اٽس اونلي دَ اينڊ آف دَ ورلڊ” جو به پريميئر ٿيو، جنهن ۾ اداڪاره ميريون ڪوٽيلارڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، لنڊن فلم فيسٽيول آچر تائين جاري رهندو.