برطانوي ڊائريڪٽر رِڊلي اسڪاٽ کي سيمينا لاءِ ڪيل خدمتن جي مڃتا طور امريڪن سينيماٿڪ ايوارڊ 2016 سان نوازيو ويو

FILM-RIDLEYSCOTT-151016

برطانوي ڊائريڪٽر رِڊلي اسڪاٽ کي سيمينا لاءِ ڪيل خدمتن جي مڃتا طور امريڪن سينيماٿڪ ايوارڊ 2016 سان نوازيو ويو.

رڊلي اسڪاٽ اداڪار رسل ڪرو، ميٽ ڊيمن، سر بين ڪنگسلي ۽ ٻين جي فلمن جي ڊائريڪشن ڏئي چڪو آهي، 4 ڀيرا آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ٿيڻ باوجود رڊلي اڃا تائين شوبز جي دنيا جو سڀ کان وڏو ايوارڊ نه ماڻي سگهيو آهي.

هي ايوارڊ اداڪار جارج ڪلوني، جوليا رابرٽس، ميٽ ڊيمن، رابرٽ ڊائوني جونيئر، فلمساز جيري بروڪهيمر، اسٽيون اسپيل برگ ۽ رون هارورڊ به ماڻي چڪا آهن،

هالي ووڊ ۾ ٿيل تقريب دوران رڊلي اسڪاٽ کي ايوارڊ ڏنو ويو، ان موقعي تي سيو ڪرول کي به مارڪيٽنگ ۾ خدمتن جي مڃتا طور  ســِڊ گرومن ايوارڊ سان نوازيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*