نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ ضياءُ الدين اسپتال ڀرسان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ پوليس اهلڪار منور شهيد ڪري ڇڏيو

Karachi-Police-151016

ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس دهشتگردن جي نشاني تي اچي وئي آهي، ناظم آباد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي شهيد ڪري ڇڏيو، وڏي وزير واقعي جو نوتيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

نارٿ ناظم آباد واري علائقي ۾ ضياءُ الدين اسپتال ڀرسان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ پوليس اهلڪار منور شهيد ڪري ڇڏيو.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شهيد اهلڪار جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ ضياءُ الدين اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب اهلڪار منور ڪوثر نيازي ڪالوني جو رهواسي هو، جيڪو نيو ڪراچي ٿاڻي تي ڊيوٽي لاءِ وڃي رهيو هو ته هٿياربندن کيس نشانو بڻايو.

شهيد پوليس اهلڪار منور علي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ۽ پوليس اهلڪارن شرڪت ڪئي.

ڪي ٽي اين نيوز پاران واقعي جي هٿ ڪيل سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ ٻه موٽر سائيڪل سورا دهشتگرد پوليس اهلڪار پيڇو ڪري مٿس فائرنگ ڪندي نظر اڇي رهيا آهن.

وڏي وزير مراد علي شاهه پوليس اهلڪار جي قتل جو نوٽيس وٺندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*