سنڌ جي راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر ڊسمبر ۽ جنوري مهيني ۾ سنڌ گيمز لاڙڪاڻي ۾ ڪرائڻ جو اعلان

Muhammad-Bux-Mahar-Sports-151016

سنڌ جي راندين واري صوبائي وزير محمد بخش مهر ڊسمبر ۽ جنوري مهيني ۾ سنڌ گيمز لاڙڪاڻي ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌي رانديگرن کي موقعو فراهم نه ڪيو ويو ته سنڌ جي ٽيم ٺاهي ويندي.

لاڙڪاڻي ايوب کهڙو اسٽيڊيم ۾ گرلز بيڊمنٽن ۽ ونجهوَٽِي جي ٽورنامينٽ جو افتتاح راندين واري صوبائي وزير ڪيو.

ان موقعي تي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي سردار محمد بخش مهر چيو ته سنڌي ڪرڪيٽرز سان زيادتي نه ڪئي وڃي، ڪرڪيٽ ۽ هاڪي سميت ٻين راندين ۾ سنڌي کلاڙين کي موقعو ملڻ گهرجي.

هن چيو ته جيڪڏهن پي سي بي سنڌي رانديگرن کي موقعو فراهم نه ڪيو ته سنڌ جي الڳ ڪرڪيٽ ٽيم ٺاهي پاڪستاني ٽيم سان مقابلو ڪري ٽئلينٽ سامهون آڻينداسين.

هن وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو لاڙڪاڻو اسٽيڊيم سميت سنڌ جي ٻين گرائونڊز جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*