عمران خان جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ آمد دوران شهيدن جي وارثن پاران گو عمران گو جا نعرا هنيا ويا

پي ٽي سربراهه عمران خان ۽ سندس نئين ڪنوار ريحام خان ۽ پي ٽي آءِ وفد سان پشاور ۾ دهشتگردي جو شڪار ٿيل آرمي پبلڪ اسڪول ۾ آمد دوران شهيد جي وارثن پاران گو عمران گور نا نعرا هنيا ويا آهن.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي زال ريحام خان ۽ پي ٽي آءِ وفد سان آرمي پبلڪ اسڪول پهتو، اسڪول ٻاهران بيٺل شهيدن معصوم ٻارڙن جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري گو عمران گو جا نعرا هنيا ويا.

اسڪول ٻاهران بيٺل متاثر خاندان جي هڪ عورت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو ٻارڙن لاءِ تڙپي رهيا آهن ۽ عمران اسڪول گهمڻ لاءِ پهتو آهي، سياستدان معصوم ٻارڙن جي ڏنل بي مثال قرباني تي سياست ڪرڻ بدران ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻين.

ان موقعي تي اسڪول ٻاهران بيٺل متاثر خاندان جي وارثن جي وڏي تعداد بيٺل هئي، جن جي هٿن ۾ دهشتگردي ختم ڪيو سياست نه ڪيو جهڙا نعرا لکيل هئا.

ذريعن موجب، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان کي شهيدن وارثن جي احتجاج سبب اسڪول جي گيٽ کان ئي با حفاظت ٻاهر ڪڍيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*