نوري آباد ويجهو سپر هاءِ وي تي ٽرالر ۽ سوزوڪي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

Nooriaabad-171016

نوري آباد ويجهو سپر هاءِ وي تي ٽرالر ۽ سوزوڪي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

سپر هاءِ وي تي جوکيا موڙ وٽ سوزوڪي سامهون ويندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 ورهين جو غلام نبي ۽ 32 ورهين جو الهه داد فوت ٿي ويا.

فوتين جا لاش ڪراچي جي جناح اسپتال منتقل پهچايا ويا، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس موجب حادثي جو شڪار سوزوڪي سوار ٻئي ڄڻا ڪوهستان جي علائقي هٻڪاڻ جا رهواسي هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*