پنجاب جي علائقي صادق آباد ۾ ٻن بسن وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ شاگردن سميت 27ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا

Khanpur-Accident-171016

پنجاب جي علائقي صادق آباد ۾ ٻن بسن وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ شاگردن سميت 27ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

شاگردن سان ڀريل هڪ بس خانپور کان رحيم يار خان وڃي رهي هي ته صادق آباد جي سجي موڙ ويجهو ڪراچي کان لاهور ويندڙ مسافر ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي.

خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ 27 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ڪيترن ئي ماڻهن جا لاش بسز جي باڊي ڪٽي ڪڍيا ويا.

ريسڪيو اهلڪارن زخمين کي فوري طور تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته سخت زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته بسن کي حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، فوتين ۾ ٻنهي بسن جا ڊرائيور ۽ ڪلينر به شامل آهن.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سجي موڙ واري روڊ جي مرمت نه هئڻ سبب حادثا معمول بڻيل آهن، ساڳي هنڌ 2009 ۾ به حادثو ٿيو هو، جنهن ۾ 30 ڄڻا فوت ٿيا هئا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*