سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج نعمت الله ڦلپوٽو دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ کان ڌار ٿي ويو، ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيل لطيف کوسا جي اعتراض تي بينچ کان ڌار ٿيو

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج نعمت الله ڦلپوٽو دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ کان ڌار ٿي ويو، ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيل لطيف کوسا جي اعتراض تي بينچ کان ڌار ٿيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ واري ڪيس جي جوابدار ڊاڪٽر عاصم، رئوف صديقي ۽ انيس قائمخاني جي ضمانت وارين درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي ڊاڪٽر عاصم حسين جي وڪيل اعتراض واريو ته جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو اي ٽي سي ۾ انتظامي جج طور به ٻڌڻي ڪري رهيو آهي، تنهنڪري کين اعتراص آهي ته هڪ ئي جج ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو ته انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿي سگهنديون.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل جي اعتراض بعد جسٽس نعمت الله پلپوٽو بينچ کان ڌار ٿي ويو ۽ جوابدارن جي ضمانت واريون درخواستون سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيون.

واضح رهي ته ساڳي ڪيس ۾ 4اڳ به ٽن ججز ٻڌڻي کان انڪار ڪيو هو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*