سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ اثرائتا قدم نه کڻڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ بدران رڳو فرضي رپورٽس پيش ڪيون پيون وڃن

Sindh-High-Court-171016

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ اثرائتا قدم نه کڻڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ بدران رڳو فرضي رپورٽس پيش ڪيون پيون وڃن، پوليس ۽ رياستي مشنيري کي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ متحرڪ ٿيڻ گهرجي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازياب نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهارڪندي پوليس جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو.

عدالت چيو ته ڪيترن سالن کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ بدران رڳو فرضي رپورٽس پيش ڪيون پيون وڃن.

عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پوليس ۽ رياستي مشنيري کي جوڳا قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*