ڀارت لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙين جو سلسلو بند ناهي ڪيو،پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه

nafees-zakria

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه چيو آهي ته ڀارت لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙين جو سلسلو بند ناهي ڪيو، هلندڙ سال 90 کان وڌيڪ ڀيرا ايل او سي تي فائرنگ ڪري سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو، پر ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

هن چيو ته پاڪستان لائين آف ڪنٽرول تي ڪيل سيز فائر تي شروع کان ئي عمل ڪري رهيو آهي پر ڀارتي فوج مسلسل فائرنگ ڪري معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري پئي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته جنوري 2016 کان هلندڙ مهيني تائين ڀارتي فوج پاران 90 کان وڌيڪ ڀيرا لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، پاڪ فوج پاران پنهنجي بچاءَ ۾ جواب ڏنو ويو.

نفيس ذڪريه وڌيڪ چيو ته ڀارتي فوج جي اڳرائين جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*