سپريم ڪورٽ پاران ڪوئيٽا سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميشن اڄ کان ڪارروائي شروع ڪري رهي

Supreme-Court-14-4-16

سپريم ڪورٽ پاران ڪوئيٽا سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل انڪوائري ڪميشن اڄ کان ڪارروائي شروع ڪري رهي آهي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن اڄ کان ڪارروائي شروع ڪري مختلف شاهدن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪندي.

ذريعن موجب، چيف سيڪريٽري بلوچ ۽ آءِ جي سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار ڪميشن آڏو پيش ٿيندا.

ڪميشن مختلف رخن کان جاچ ڪري هڪ مهيني اندر رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندي.

ڪوئيٽا سول اسپتال سانحي ۾ 57 وڪيلن سميت 78 ڄڻا مارجي ويا هئا………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*