هنگو ۾ شاگردن جي بس کاهي ۾ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 شاگرد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو

hango05-9

هنگو ۾ شاگردن جي بس کاهي ۾ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 شاگرد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

هنگو جي علائقي شاهو خيل ۾ بس شاگردن کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ وڃي رهي هئي ته تيز رفتاري سبب کاهي ۾ ڪلٽي ٿي پئي.

واقعي جي اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي زخمين شاگردن کي هنگو جي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڪجهه شاگردن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*