پشاور ۾ ٽرانسپورٽرز ٽول ٽيڪس ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري موٽروي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي

Peshawar-Motorway-171016

پشاور ۾ ٽرانسپورٽرز ٽول ٽيڪس ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري موٽروي تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

ٽرانسپورٽ اتحاد جي سڏ تي پشاور ۾ ٽرانسپورٽرز پاران گاڏيون بيهاري ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي موٽروي ٽول پلازه پهتي، جتي مظاهرين ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.

مظاهرين چيو ته ٽول پلازه پاران ٽول ٽيڪس ۾ ڪيل واڌ نامناسب آهي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

ٽرانسپورٽرز چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ٽول ٽيڪس ۾ واڌ واپس نه ورتي وئي ته سڄي صوبي ۾ ٽرانسپورٽ بند ڪري احتجاج ڪيو ويندو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*