سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي 30 نومبر تائين ڀرتين کان روڪي ڇڏي آهيو

Supreme-Court-171016

سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي 30 نومبر تائين ڀرتين کان روڪي ڇڏي آهيو، چيف جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پبلڪ سروس ڪميشن جو سربراهه اهڙي آفيسر کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو عهدي جو اهل ئي ناهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرريءَ بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ايڊووڪ جنرل ضمير گهمرو عدالت کي ٻڌايو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي تحت  سنڌ ۾ 3 هزار ڊاڪٽرن جي مقرري ڪئي پئي وڃي، جن کي صوبي جي مختلف اسپتالن ۾ مقرر ڪيو ويندو.

ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي استدعا ڪئي ته ڀرتين تي اسٽي آرڊر جاري نه ڪيو وڃي.

چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جو سربراهه اهڙي آفيسر کي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو عهدي جو اهل ئي ناهي.

عدالت، حڪم ڏنو ته ايندڙ آرڊر تائين سنڌ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن تحت ڀرتيون نه ڪيو وڃن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار کي ڀرتيون ڪرڻ وڃي رهي آهي ته تڪڙي ٻڌڻي لاءِ درخواست ڏئي سگهي  ٿي.

عدالت، ڪيس جي ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ هدايت ڪئي ته جيستائين اسٽي آرڊر برقرار آهي، تيستائين ڀرتيون نه ڪيون وڃن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*