فيض گنج تعلقي ۾ گئس جي سهولت نه هئڻ خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو بک هڙتال

 فيض گنج تعلقي ۾ گئس جي سهولت نه هئڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

شهرين عرفان چانگ، ڪامريڊ غلام مصطفيٰ شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد پير بخش چوڪ تي احتجاج ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

مظاهرين چيو ته هن جديد دور ۾ به فيض گنج تعلقو گئس جهڙي سهولت کان محروم آهي ڪيترا ئي ڀيرا احتجاج ڪرڻ باوجود ڪير سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود گيس وارو مسئلو حل ناهي ڪيو ويو، چونڊيل نمائيندا رڳو ووٽ وٺڻ لاءِ ايندا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته  فيض گنج تعلقي کي سئي گيس جي سهولت ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*