سپريم ڪورٽ، سانگهڙ آئل گيس فيلڊ بابت ڏنل حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ 18 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي نومبر جي ٽئين هفتي ۾ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme-saGhar-Oil-171016

سپريم ڪورٽ، سانگهڙ آئل گيس فيلڊ بابت ڏنل حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ 18 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي نومبر جي ٽئين هفتي ۾ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جـِي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ سانگهڙ آئل گيس فيلڊ بابت ڏنل عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار  روشن علي ٻرڙي موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ سانگهڙ آئل فيلڊ ڪيس ۾ ترقياتي ڪمن، پرافٽ بونس ۽ رائلٽي بابت 2013 ۾ فيصلو ڏنو هو پر هيل تائين ان تي عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو.

درخواستگذار موجب آفيسرن عدالت عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪري توهين عدالت ڪئي آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت، درخواستگذار جا دليل ٻڌڻ بعد سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ 18 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

سپريم ڪورٽ، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، سانگهڙ، دادو، سکر،مٽياري، ٺٽي، سجاول، نوشهروفيروز ۽ ٽنڊو محمد خان سميت 18 ضلعن جي ڊي سيز کان نومبر جي ٽئين هفتي جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*