بلوچستان ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ٽئين ۽ آخري مرحلي جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو

بلوچستان ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ٽئين ۽ آخري مرحلي جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ پولنگ 28 جنوري تي ٿيندي.

 بلوچستان ۾ مڪاني چونڊن جا 2 مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد اليڪشن ڪميشن ٽئين ۽ آخري مرحلي جي شيڊول جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، پولنگ 28 جنوري تي ٿيندي، جنهن ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ٿيندي.

ميٽروپوليٽن لاءِ ميئر ۽ ڊپٽي چيئرمين جي به چونڊ ٿيندي، چيئرمين ۽ ميئر جي بيلٽ پيپرز جو رنگ آسماني هوندو.

اليڪشن ڪميشن موجب، ڊپٽي چيئرمين ۽ ڊپٽي ميئرز لاءِ بيلٽ پيپر جو رنگ اڇو هوندو.

واضح رهي ته بلوچستان پهريون صوبو آهي، جتي 28 جنوري تي مڪاني چونڊن وارو عمل مڪمل ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*