لاهور هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم تي پابندي لاڳو ڪرڻ واري درخواست تي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو

Lahore-High-14-4-16

لاهور هاءِ ڪورٽ، ايم ڪيو ايم تي پابندي لاڳو ڪرڻ واري درخواست تي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ملڪ دشمن تقريرن تي ڪارروائي ڪرڻ عدليه نه پر حڪومت جو ڪم آهي.

جسٽس مظاهر علي نقوي جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني فل بينچ ايم ڪيو ايم جي رجسٽريشن رد ڪري پابندي لاڳو ڪرڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻـُڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پوليٽيڪل پارٽي ايڪٽ تحت ڪنهن به پارٽي جو ملڪ سان وفادار هئڻ لازمي آهي پر ايم ڪيو ايم جي باني ملڪ خلاف نعريبازي ڪئي.

درخواستگذار موجب ايم ڪيو ايم محب وطن پارٽي ناهي رهي ، ان ڪري رجسٽريشن رد ڪري پابندي لڳائي وڃي.

عدالت،سرڪاري وڪيل کان سوال ڪيو ته ملڪ دشمن تقريرن تي حڪومت پاران ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.؟

سرڪاري وڪيل جواب چيو ته ملڪ دشمن تقريرن تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ ڪيس هلي رهيا آهن.

عدالت، ريمارڪس ڏنا ته ملڪ دشمن تقريرن تي ڪارروائي عدليه نه پر حڪومت جو ڪم آهي.

عدالت، وفاقي گهرو سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*