عمران خان پنهنجي خواهشن ۽ خوابن جو غلام بڻجي چڪو آهي، اسلام آباد کي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ملڪ جا خير خواهه نٿا ٿي سگهن, وفاقي وزير خواجه سعد رفيق

Saad-Rafique-171016

مسلم ليگ ن جي انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ وزيراعظم نواز شريف پاران صدارت لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن، وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عمران خان پنهنجي خواهشن ۽ خوابن جو غلام بڻجي چڪو آهي، اسلام آباد کي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ملڪ جا خير خواهه نٿا ٿي سگهن.

اليڪشن ڪميشن جي هدايت کانپوءِ حڪمران جماعت مسلم ليگ انٽرا پارٽي چونڊن جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، سڀاڻي اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ چونڊ ٿيندي.

چونڊن لاءِ اڳواڻن پاران نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وارو سلسلو جاري آهي، وفاقي وزير پرويز رشيد، خواجه سعد رفيق، خرم دستگير ۽ ٻين اڳواڻن اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين چوڌري جعفر اقبال وٽ وزيراعظم نواز شريف جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته ن ليگ ۾ 10 عهدن لاءِ چونڊون ٿي رهيون آهن، اطلاعات ۽ ماليات وارن سيڪريٽريز جي عهدن تي به چونڊ ٿيندي.

هن چيو ته ن ليگ جي صدر، چيئرمين ۽ 6 نائب صدر جي عهدن تي به اليڪشن ٿيندي، باقي ٻين عهدن تي ن ليگ جي قيادت مقرري ڪري سگهي ٿي پر ان جي منظوري سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ کان ورتي ويندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان پنهنجي خواهشن ۽ خوابن جو غلام بڻجي چڪو آهي، پي ٽي آءِ جي 136 ڏينهن واري ڌرڻي سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو مذاق اڏايو ويو.

خواجه سعد رفيق چيو ته اسلام آباد کي بند ڪرڻ جي سياست ڪندڙ ملڪ جا خير خواهه نٿا ٿي سگهن، عمران خان جو مقصد جمهوري عمل ۾ خرابي پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي پر اهو ڪامياب نه ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*