وزيراعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف ملاقات ڪري قومي سلامتي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

Raheel-Nawaz-sharif-171016

 وزيراعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف ملاقات ڪري قومي سلامتي سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.

پي ايم هائوس جي ترجمان موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي.

ذريعن موجب، ملاقات دوران علائقائي سڪيورٽي، قومي معاملن، آپريشن ضرب عضب ۽ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳرائين سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران قومي سلامتي بابت اعليٰ سطحي گڏجاڻي جي خبر ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي به ويچاريو ويو پر ان حوالي سان وزيراعظم هائوس پاران ڪا به تصديق سامهون ناهي اچي سگهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*