ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن اينٽي مني لانڊرنگ بل تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرز اينٽي مني لانڊرنگ بل تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، ڪميٽي چيئرپرسن چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ دهشتگردي ۾ ملوثن جا فنڊ روڪڻ ضروري آهي.

 اسلام آباد ۾ ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نسرين جليل جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اينٽي مني لانڊرنگ بل تي غور ڪيو ويو.

اجلاس کي آگاهي ڏيندي ناڻي واري سيڪريٽري چيو ته حڪومت ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ سخت قانون آڻڻ چاهي ٿي، جيئن ٽيڪس چوري ڪندڙن کي سزا ڏئي سگهجي.

ڪميٽي ميمبرز بل تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته هن بل جي تحت ٽيڪس چوري تي به اينٽي مني لانڊرنگ قانون تحت ڪارروائي ٿيندي، جيڪا نامناسب آهي.

ڪميٽي چيئرپرسن نسرين جليل چيو ته موجوده حالتن ۾ دهشتگردي ۾ ملوثن جا فنڊ روڪڻ ضروري آهي، ان لاءِ اثرائتي قانونسازي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*