ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪاررواين دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي هڪ دهشتگرد سميت 9 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو

Rangers-2426-19916

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ڪاررواين دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي هڪ دهشتگرد سميت 9 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب گرفتار ڏوهارين وٽان هٿيار هٿ ڪياويا آهن.

رينجرز ترجمان موجب نيو ڪراچي، بلديه ٽائون ۽ ملير ۾ تارگيٽيڊ ڪاررواين دوران 9 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن مان هڪ جو تعلق ايم ڪيو ايم ۽ هڪ جو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي.

رينجرز گرفتار ڏوهارين وٽان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*