وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي سرڪار پاران ٽيڪسٽائل سٽي رٿا کي ختم ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

Murad-Ali-Shah-Cabnet-9816

وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي سرڪار پاران  ٽيڪسٽائل سٽي رٿا کي ختم ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، مراد علي شاهه چيو آهي ته  سنڌ حڪومت رٿا کي مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي آهي، ڇاڪاڻ ته ان منصوبي سان ماڻهن کي روزگار ملندو، صنعتن واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته وزير جو رٿا کي بند ڪرڻ وارو فيصلو سنڌ کي ڪارنر ڪرڻ جي سازش آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽيڪسٽائل سٽي منصوبي بابت اجلاس ٿيو،جنهن ۾ صنعتن واري صوبائي وزير منظور وساڻ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران منظور وساڻ وڏي وزير کي بريفنگ ڏني ته ٽيڪسٽائل سٽي رٿا تي هيل تائين سنڌ هڪ ارب رپيا خرچ ڪري چڪي آهي پر هاڻي وزير اعظم ان رٿا کي ختم ڪرڻ فيصلو ڪيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو  ته ٽيڪسٽائيل سٽي رٿا سان 80 هزار ماڻهن کي روزگار ملندو، سنڌ سرڪار رٿا جاري رکڻ چاهي ٿي.

وڏي وزير چيو ته هو پاڻ ان معاملي بابت وزير اعظم نواز شريف سان ڳالهائيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*