ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت سعود آباد مان اغوا بعد بازياب ڪرايل ٽن شاگردياڻين کي 2ڏينهن لاءِ دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏيندي سندن ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي
ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت سعود آباد مان اغوا بعد بازياب ڪرايل ٽن شاگردياڻين کي 2ڏينهن لاءِ دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏيندي سندن ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته گرفتار 4 جوابدارن جي رمانڊ ۾ 19 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي.
ڪراچي پوليس بازياب ڪرايل شاگردياڻين رابعه، اقرا ۽ بسما توڙي گرفتار 4 جوابدارن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو.
عدالت پوليس ۽ شاگردياڻين جي بيانن بعد بازياب ڪرايل ٽن شاگردياڻين کي 2ڏينهن لاءِ دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته عدالت جاچ آفيسر کي شاگردياڻين جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته 19 آڪٽوبر تي شاگردياڻين جو اعترافي بيان به رڪارڊ ڪرايو ويندو.
عدالت شاگردياڻين کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار 4 جوابدارن جي رمانڊ ۾ ۾ به 19 آڪٽوبر تائين واڌ ڪئي آهي.