ميرپور بٺوري ويجهو هولاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿيار بندن فائرنگ ڪري نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو

mirpurbathoro-murder-181016

ميرپور بٺوري ويجهو هولاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿيار بندن فائرنگ ڪري نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

ڳوٺ رمضان هولاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿيار بندن فائرنگ ڪري 12 ورهين جي نينگر عبدالرزاق هولاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.

واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع پوليس پهچي مقتول نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته هولاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان هٿيار بندن نينگر کي ماريو آهي،  جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*