ٿاڻو بولا خان ويجهو گذريل ڏينهن بجلي جي بندش خلاف احتجاج ۽ پوليس سان چڪرين جو حيسڪو ۽ پوليس جي فرياد تي 600 کان وڌيڪ ماڻهن تي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا

Thano-Bula-Khan-Wapda-Khilaf-Road-Block-181016

ٿاڻو بولا خان ويجهو گذريل ڏينهن بجلي جي بندش خلاف احتجاج ۽ پوليس سان چڪرين جو حيسڪو ۽ پوليس جي فرياد تي 600 کان وڌيڪ ماڻهن تي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

خاصخيلي پاڙي ۾ بجلي جي بندش خلاف احتجاج، پوليس سان چڪرين ۽ هنگامي جو پوليس جي مدعيت ۾ 418 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هنگامي ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو حيسڪو جي لائين سپريڊنٽنٽ  مختيار ڏاهري جي فرياد تي احتجاج ڪندڙ  218 ماڻهن خلاف ڌار ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

حيسڪو اختيارين جو چوڻ آهي ته خاصخيلي پاڙي جي صارفين تي 19 لک رپين جون رهتون هجڻ ڪري بجلي ڪاٽي وئي آهي، پر رهواسين پاران بنا جواز احتجاج ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪندڙن پوليس تي پٿراءُ ڪري ٻن اهلڪارن کي زخمي ڪيو هو، جنهن ڪري ملوث ماڻهن تي ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

خاصخيلي پاڙي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته واڌو بل ڄاڻائي علائقي جي بجلي ڪاٽي وئي آهي ۽ پر امن احتجاج ڪرڻ تي پوليس مٿن تشدد ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي زخمي ڪيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته مٿن داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري علائقي جي بجلي بحال ڪئي وڃي، ۽ پر امن احتجاج ڪندڙن تي تشدد جو نوٽيس ورتو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*