ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي ايصال ثواب لاءِ پيپلزپارٽي پاران مختلف شهرن ۾ قرآن خوانيون ڪرايون پيون وڃن

Karsaz-Blast-Benazir-news-image-181016

ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي ايصال ثواب لاءِ  پيپلزپارٽي پاران مختلف شهرن ۾ قرآن خوانيون ڪرايون پيون وڃن، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀريندو.

 پيپلزپارٽي پاران ڪارساز سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي ايصال ثواب لاءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾  قرآن خواني ڪرائي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن ۽ مقامي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

خيرپور جي جيلاني هائوس ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خواني ۾ اڳوڻي وڏي وزير قائم  علي شاهه ۽ ايم اين اي نفيسا شاهه سميت ڪارڪنن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو.

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀريندو، جنهن لاءِ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

پ پ چيئر مين نئين ديرو هائوس ۾ پ پ اڳواڻن ۽ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو، جنهن دوران شڪارپور جي پي ايس 11 تي  ٿيندڙ ننڍي چونڊ بابت غور ويچار ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*