شهيدن جي وارثن تي احتجاج ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي شيرين مزاري

پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري خيبرپختونخواهه سرڪار کان شهيدن جي وارثن تي احتجاج ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسد قيصر به ڪنهن سان بدتميزي ڪئي آهي ته ان خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.

پي ٽي آءِ ترجمان شيرين مزاري چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪنهن به پروتوڪول تي يقيد ناهي رکندي، عمران خان کي سومر ڏهاڙي سڪيورٽي خدشن سبب آرمي پبلڪ اسڪول جي دوري کان روڪيو ويو هو.

شيرين مزاري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه سرڪار کان شهيدن جي وارثن تي احتجاج ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*