ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نائن زيرو تي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس جو ضمني چالان 25 آڪٽوبر تائين انتظامي جج وٽ جمع ڪرائڻ ۽ جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نائن زيرو تي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس جو ضمني چالان 25 آڪٽوبر تائين انتظامي جج وٽ جمع ڪرائڻ ۽ جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  ايم ڪيو ايم اڳواڻن عامر خان ۽ منهاج قاضي سميت ٻين تي جوابدارن کي نائن زيرو تي پناهه ڏيڻ جو الزام آهي.

نائن زيرو تي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪيس ۾ نامزد ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان ۽ منهاج قاضي پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر پاران شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع نه ڪرائڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي نامزد جوابدار منهاج قاضي جو عبوري چالان انتظامي جج وٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*