مسلم ليگ نـُون جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ وزيراعظم نواز شريف بنا مقابلي صدر ۽ راجا ظفر الحق چيئرمين چونڊجي ويا آهن

PMLN-Election-181016

مسلم ليگ نـُون جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ وزيراعظم نواز شريف بنا مقابلي صدر ۽ راجا ظفر الحق چيئرمين چونڊجي ويا آهن، سينيٽر مشاهد الله کي سيڪريٽري اطلاعات ۽ وفاقي وزير پرويز رشيد کي ماليات وارو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ن ليگ جي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين چوڌري جعفر اقبال چيو ته وزيراعظم نواز شريف جي مقابلي ۾ پرنس عبدالقادر بلوچ صدارت لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، پر بلوچستان جي پراڻي ووٽر لسٽن ان جو نالو ۾ شامل نه هو، ان ڪري سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا.

هن ٻڌايو ته پرنس عبدالقادر بلوچ جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ بعد وزيراعظم نواز شريف بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو آهي، جڏهن ته چيئرمين جي عهدي لاءِ راجا ظفر الحق جي مقابلي ۾ ڪنهن به ڪاغذ جمع نه ڪرايا هئا.

ن ليگ جي اليڪشن ڪميشن موجب، سينيٽر مشاهد الله کي پارٽي جو اطلاعات وارو سيڪريٽري ۽ پرويز رشيد کي سيڪريٽري ماليات مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه سرتاج عزيز، امداد چانڊيو، سرانجام خان، سردار سڪندر حيات ۽ چنگيز خان مري سينيئر نائب صدر چونڊجي ويا آهن.

چوڌري جعفر اقبال ٻڌايو ته ن ليگ جي سيڪريٽري جنرل واري عهدي تي اليڪشن نه ٿي رهي آهي، ان عهدي لاءِ شاهه حسين پاران جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذ به رد ڪيا ويا آهن.

ن ليگ جي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ٻڌايو ته سمورن اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ بعد فيصلو ٻڌايو ويو آهي.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ سياسي جماعتن کي چئن سالن اندر پارٽي اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي هونديون آهن……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*