سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسپيشل ٽاسڪ فورس کي ڪير ڏسي پيو ۽ ڪير هلائي رهيو آهي

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسپيشل ٽاسڪ فورس کي ڪير ڏسي پيو ۽ ڪير هلائي رهيو آهي، گهرو سيڪريٽري ذاتي طور تي معاملو حل ڪري ٻي صورت ۾ ايڪشن کنيو ويندو.

چيف جسٽس، جسٽس سجادعلي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ ڪراچي ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻهن جي گمشدگي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته محبوب منير کي ٽن سال اڳ پوليس جيڪب لائين واري علائقي مان حراست ۾ ورتو هو، جنهن جي اڃا تائين گرفتاري ظاهر نٿي ڪئي وڃي.

عدالت پوليس تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽَي سال گذري ويا آهن لاپتا شخص ڪٿي آهي؟

عدالت پڇاڻو ڪيو ته اسپيشل ٽاسڪ فورس کي ڪير ڏسي رهيو آهي ۽ ان کي هلائڻ وارو ڪير آهي؟

عدالت ريمارڪس ڏنا ته گهرو سيڪريٽري ذاتي طور تي معاملي کي حل ڪري ٻي صورت ۾ سخت ايڪشن کنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*