سنڌ هاءِ ڪورٽ گلستان جوهر ۾ 404 ليز پلاٽن تان ڪچرو هٽائي 25 آڪٽوبر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

Sindh-High-Court

سنڌ هاءِ ڪورٽ گلستان جوهر ۾ 404 ليز پلاٽن تان ڪچرو هٽائي 25 آڪٽوبر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم،  عدالت متاثرن کي خالي پلاٽن تي تعمير شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته ڪچرو کڻڻ جو ڪم به ڊي ايم سيز وٽ آهي ته پوءِ ڪي ايم سي وٽ باقي ڇا رهجي ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ گلستان جوهر ۾ 404 پلاٽن تي قبضي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي پاران ڪچرو اڇلائڻ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته شهر مان ڪچرو کڻڻ ڊي ايم سيز جو ڪم آهي.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪچرو به ڊي ايم سيز کڻن ٿيون ته باقي ڪي ايم سي لاءِ ڪهڙو ڪم رهجي ويو آهي، جنهن تي انتظاميا پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته نالن جي صفائي ۽ ڪچي آبادين جي سار سنڀال ڪي ايم سي ڪندي آهي.

عدالت ليز پلاٽن تان فوري طور تي ڪچرو کڻي 25 آڪٽوبر تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي متاثرن کي خالي ڪرايل پلاٽن تي تعمير ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*