اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ڌرڻي جي ذريعي اسلام آباد کي بند ڪرڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست ۾ ترميم جي اجازت ڏئي ڇڏي

ISB-high-Court-181016

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ڌرڻي جي ذريعي اسلام آباد کي بند ڪرڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست ۾ ترميم جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ اسلام آباد کي بند ڪرڻ واري پي ٽي آءِ جي اعلان خلاف شهرين جي گڏيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذارن جي وڪيل ايڊووڪيٽ حسن امان دليل ڏيندي چيو ته احتجاجن، جلوسن ۽ مظاهرن سبب اسلام آباد جي شهرين جا حق غصب ٿي رهيا  آهن.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته تحريڪ انصاف کي اسلام آباد ڌرڻي کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

جسٽس عامر فاروق سوال ڪيو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي اجازت ڪير ڏيندو آهي؟، ان جي جواب ۾ وڪيل ٻڌايو ته ڌرڻي جي اجازت اسلام آباد جي انتظاميه ڏيندي آهي.

جسٽس عامر فاروقي ريمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ اسلام آباد انتظاميه کي ڌر ناهي بڻايو ويو.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته هو درخواست ۾ انتظاميه کي ڌر بڻائڻ چاهي ٿو، ان ڪري ترميم جي اجازت ڏني وڃي.

هاءِ ڪورٽ درخواستگذار کي ترميم جي اجازت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*