اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف کي فيڊ مارشل بڻائڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

islamabad-highi-court

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف کي فيڊ مارشل بڻائڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ عدنان نالي شهري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف جون ملڪ لاءِ وڏيون خدمتون آهن،ان کي نظر ۾ رکندي کيس فيلڊ مارشل بڻايو وڃي.

جسٽس عامر فاروق سوال ڪيو ته ڇا ملڪي آئين ۾ فيلڊ مارشل جي گنجائش موجود آهي، جنهن جي جواب ۾ درخواستگذار جي وڪيل ٻڌايو ته آئين ۾ گنجائش ناهي پر جنرل ايوب جو مثال موجود آهي.

عدالت، درخواستگذار جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو اڄ ئي ٻڌائڻ جو امڪان آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*