اليڪشن ڪميشن، نااهلي واري درخواست تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو

imran-khan-700+400

اليڪشن ڪميشن، نااهلي واري درخواست تي تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي بينچ  تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار هاشم علي ڀـُٽا جي وڪيل شرافت علي دليل ڏيندي چيو ته عمران خان جي پارٽي منع ٿيل ذريعن سان فنڊ وصول ڪيا، پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊن ذريعي هلندڙ پارتي آهي.

 چيف اليڪشن ڪمشنر سوال ڪيو ته عمران خان ڪهڙن منع ٿيل ذريعن کان فنڊ وصول ڪري رهيو آهي؟

درخواستگذار چيو ته عمران خان نه صرف منع ٿيل ذريعن کان فنڊ وصول ڪيا پر امريڪا ۽ برطانيه سميت مختلف ملڪن فنڊنگ ورتي، پي ٽي آءِ سربراهه فنڊ نه وٺڻ بابت اليڪشن ڪميشن ۾ غلط سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائي ڪوڙ ڳالهايو.

درخواستگذار موجب، عمران خان آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿو لهي، ان ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

اليڪشن ڪميشن وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته پهرين ڊسمبر تي عمران خان جي نااهلي وارو معاملو پي ٽي آءِ جي پارٽي فنڊنگ بابت اڳ ۾ داخل ڪرايل درخواست سان گڏ ٻڌو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*