لاهور جي علائقي رسول پوره ۾ هڪ گهر مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن

Lahore-Murder-181016

لاهور جي علائقي رسول پوره ۾ هڪ گهر مان چئن ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مان لڳي رهيو آهي ته گهر ڌڻي زال ۽ ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهاتي ڪيو آهي پر ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

لاهور ۾ نواب ٽائون جي علائقي رسول پوره ۾ واقع هڪ گهر جي ٽئين منزل تان هڪ ئي ڪٽنب جي 4 ڄڻن جا لاش هٿ آيا، جن جي سڃاڻپ 25 ورهين جي مالڪ،سندس  گهرواري 22 ورهين جي آسيه، ٻن ٻارڙن 3 سالن جي مريم ۽ 5 ورهين جي آصف جي نالن سان ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته محمد مالڪ سڪيورٽي گارڊ طور ڪم ڪندو هو، شروعاتي جاچ مان لڳي واقعو رهيو آهي ته گهر ڌڻي زال ۽ ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪيو آهي.

پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ائين به ٿي سگهي ٿو ته گهر ڀاتين کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، سمورن رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته زال مڙس ۾ اڪثر جهيڙو هلندو هو.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف رسول پوره ۾ 4 ڄڻن جي قتل جو نوٽيس وٺندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي آپريشنز کان رپورٽ پڻ طلب ڪئي آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*