ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم اظهر علي جي شاندار ٽرپل سنچري ۽ياسر شاهه جي بهترين بالنگ سبب قومي ٽيم 400هين ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۾ 56رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ برتري حاصل ڪري ورتي

Pak-Win-Match-West-Test-181016

ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم اظهر علي جي شاندار ٽرپل سنچري ۽ياسر شاهه جي بهترين بالنگ سبب قومي ٽيم 400هين ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ۾ 56رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

دبئي ۾ کيڏي پهرين ٽيسٽ ميچ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ٻي ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ ۽پاڪستان جي پهرين ميچ هئي،جنهن جي پهرين اننگ ۾ قومي ٽيم اظهر علي جي شاندار 302رنز جي اننگ سبب ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 579رنز اسڪور ڪري ڊڪليئر ڪري ڇڏي.

 ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين اننگ ۾ 357رنز اسڪور ڪري آئِوٽ ٿي وئي ۽اهڙي طرح پاڪستان کي 222رنز جي برتري حاصل ٿي.

ياسر شاهه پنج، جڏهن ته وهاب رياض ۽محمد نواز ٻه-ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

پاڪستان ويسٽ انڊيز کي فالون ڪرڻ بعد پاڻ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ قومي ٽيم جا بيٽسمين ليگ اسپنر بشو آڏو بيوس نظر ِآيا ۽ پوري ٽيم صرف 123رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران بشو 49 رنز ڏئي ڪيريئر بيسٽ 8 وڪيٽون حاصل ڪيون.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 346رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽جيستائين ڊيرن براوو وڪيٽ تي موجود هو ته ويسٽ انڊيز جي ڪاميابي جا امڪان نظر روشن هئا، پر ياسرشاهه پنهنجي بالنگ تي سندس شاندار ڪيچ وٺي قومي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ويسٽ انڊيز جي ٽيم ٻي اننگ ۾ 289رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي،جنهن ۾ ڊيرن براوو 116رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪور رهيو،جڏهن ته جانسن47 ۽جيسن هولڊر 40رنز جي اننگ کيڏي.

قومي ٽيم پاران محمد عامر ٽي، ياسر شاهه ۽محمد نواز ٻه-ٻه،جڏهن ته وهاب رياض هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

اظهرعلي کي بهترين بيٽنگ جومظاهور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*