سنڌ ۾ حڪومت نالي جي ڪا شيءَ نه آهي شهريار مهر

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳوڻ شهريار مهر چيو آهي ته وڏي وزير قائم علي شاهه خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ لاءِ ڪم جاري آهي، سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪابه شيءَ نه آهي، سنڌ سرڪار عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

شڪارپور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهريار مهر چيو ته زراعت ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾  ڪرنگهي جي هڏي جو درجو رکي ٿي،  جنهن تي ڌيان نه ڏيڻ سنڌ سرڪار جي مجرماڻي غفلت آهي.

 هن چيو ته سنڌ جي مختلف کاتن ۾ ڪرپشن کانسواءِ عوام جا ڪم نه پيا ٿين، ڪوبه کاتو ڪرپشن کان پاڪ نه آهي، سرڪار عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ عوام کان زبردستي ڪمند ورتو پوي وڃي، سڀني کي خبر آهي ته شگر ملز ڪنهن جون آهن.

مخالف ڌر جي اڳوڻ شهريار مهر جو اهو به چوڻ هو ته فوجي عدالتن جي قيام سبب ڏوهارين ۾ ٿرٿلو متل آهي، سٺا نتيجا نڪراندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*