ڪراچي سينٽرل جي ضلعي انتظاميا رولو ڪتن کي مارڻ واري مهم شروع

Dog-Death-181016

ڪراچي سينٽرل جي ضلعي انتظاميا رولو ڪتن کي مارڻ واري مهم شروع ڪئي آهي، ضلعي جي  چئني زونز ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ڪتن کي زهر ڏئي ماريو ويو آهي.

شهرين جي شڪايتن تي سينٽرل ضلعي جي انتظاميا رولو ڪتن خلاف مهم شروع ڪئي آهي، ضلعي جي نيوڪراچي زون ۾ 253، گلبرگ ۾ 217، لياقت آباد ۾ 244 ۽ نارٿ ناظم آباد ۾ 237 ڪتن کي  ماريو ويو آهي.

ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ رڳو 10 سيڪڙو ڪتا ماريا ويا آهن.

ڪراچي شهر جي ٻين  علائقن جي رهواسين به رولو ڪتن خلاف مهم شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*